ڍول فقير

ڍول فقير

ڍول فقير

ڍول فقير: سنڌ جي نامور راڳي ڍولڻ ’ڍول فقير‘ ولد فقير محمد خاصخيليءَ، 1921ع ڌاري پاٽويون، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. غربت سبب فقط ٻه درجا سنڌيءَ جي تعليم پرائي سگهيو. راڳ ۽ موسيقيءَ سان ننڍي هوندي کان ئي کيس بي انتها انس هو. هن راڳ جو فن اوتارن، مڪانن، درگاهن ۽ ميڙن ملاکڙن ۾ ڳائي وڄائي ۽ ٻين وڏن گوئين ۽ ڳائڻن کي ٻڌي سکيو. اهو ئي سبب آهي، جو ڍول فقير جي ڳائڻ ۾ جذبن جو اظهار ۽ راڳڻين جي سچائي ۽ فن جي مهارت نظر اچي ٿي. ڍول فقير باقاعدي موسيقيءَ جي تعليم پهرين مقامي طور مشهور فنڪار اسماعيل کان ورتي. ان کان پوءِ مشهور صوفي شاعر منٺار فقير جي پوٽي ولي بخش وٽ باقاعدگيءَ سان سکيو.
ڍول فقير ننڍپڻ جي زماني ۾ ڪلاسيڪل راڳين کان ڀڳتي به ٻڌي هئي، جنهن جو مٿس اثر اهو ٿيو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪلام سُرّ ۾ ڳائيندي ڳائيندي بلڪل ڀڳتن وانگي، وچ ۾ بيهي، ڏوهيڙو بغير راڳـڻـيءَ جـي تـحت اللفظ چئي ڏيندو هو، جيڪو سندس مخصوص انداز (Typical Style) هو. ان سان گڏوگڏ باقاعدي راڳڻي ۽ ان جا ضابطا نظر ۾ رکندي به ڏوهيڙا ڏيندو هو.
ڍول فقير داستان گوئي به ڪئي. سندس آلاپ نرالو هو. ڏوهيڙن سان گڏوگڏ جتي چاهيندو هو، اتي ڳالهائڻ به شروع ڪري ڇڏيندو هو، جيڪو ان جي ڪلام جي مفهوم کي ويتر اثرائتو ڪندو هو ۽ سامعين کي ان کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس نه ٿيندي هئي.
ڍول فقير جي هڪڙي ڳالهه جيڪا گهڻو عام ٿي ۽ جنهن کي هر طبقي جي موسيقي ٻڌندڙن ساراهيو، سا هئي راڳڻين جي حساب سان لهرن، مِينڍن، مُرڪن ۽ رمزن کي بروقت ۽ مناسب وقت استعمال ڪندي پنهنجي گائڪيءَ کي پر اثر ڪرڻ جو فن. هن وچئين عمر ۾ پاٽويون مان لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڍول فقير، مخدوم طالب الموليٰ جو مريد هو. مخدوم طالب الموليٰ جي سعيي سان ئي 1948ع ڌاري ڪراچي ريڊيو تي پروڊيوسر محمد بخش انصاريءَ کيس متعارف ڪرايو ۽ ٽيليويزن تي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. ڍول فقير جي ساٿي فنڪارن ۾ حسين بخش خادم، فقير عبدالغفور، فقير امير بخش، فقير عيسيٰ، يار علي فقير، مصري فقير، عنايت فقير ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، پر انهن سڀني ۾ ڍول فقير جو انداز منفرد هو.
ڍول فقير نيڪ انسان ۽ منفرد فنڪار هو. هن 22 جون 1992ع وفات ڪئي. سندس مزار ٽنڊي الهيار ۾ آهي. 23 مارچ 1990ع تي سرڪار کيس ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ اوارڊ ڏنو. ڍول فقير جو پٽ فقير محمد ’ڍول فقير فائونڊيشن‘ نالي ادارو قائم ڪري اشاعت جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو پاڻ به والد جا ڪيترا ڪلام سُريلي آواز ۾ ڳائيندو آهي.


لفظ ڍول فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.06.22  عيسوي

ڍول فقير نيڪ انسان ۽ منفرد فنڪار هو. هن 22 جون 1992ع وفات ڪئي. سندس مزار ٽنڊي الهيار ۾ آهي


1990.03.23  عيسوي

23 مارچ 1990ع تي سرڪار کيس ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ اوارڊ ڏنو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي آزاد فقير
فتح محمد خان ڏيڌڙو
شاهاڻي منصور فقير
حسين بخش خادم
امينه گلوڪاره
پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر
عرس چانڊيو
ديدار حسين سمو
عابده پروين
عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون